شوڪت علي دائودپوٽو

شوڪت علي دائودپوٽو: شوڪت علي ولد محمد اسماعيل دائودپوٽو، 11 مارچ 1965ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي ۽ بي. ايڊ آهي. پاڻ سٺو اديب، شاعر ۽ مصور استاد آهي. هن وقت جيڪب آباد ۾ سيڪنڊري ٽيچر آهي. سندس سنڌيءَ ۽ انگريزي ۾ ٽي ڪتاب ڇپيل آهن:
1. A Complete Book on Active & Passive Voice.
2. A Complete Book on Direct & In Direct. ۽
3. Exploring the World of Tenses.
پاڻ سٺو مصور ۽ بت تراش آهي ۽ مٽيءَ جون مورتون ٺاهي ٿو. هن ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ قائداعظم جون مورتيون پڻ ٺاهيون آهن. اڄڪلهه شاگردن ۾ انگريزيءَ جو علم وڌائڻ ۽ منجھن ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪوچنگ سينٽر قائم ڪيو اٿائين. ان کان سواءِ هڪ پبلڪ اسڪول پڻ اٿس، جنهن جو پاڻ سرپرست آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.11  عيسوي

شوڪت علي ولد محمد اسماعيل دائودپوٽو، 11 مارچ 1965ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چنا عمران
زبيده آغا
ظفر ڪاظمي
گل محمد کتري
سليمه هاشمي
سڪندر جوڳي
رافيل
نياز شيخ
عبدالرحيم ناگوري
پنجو مل رگهواڻي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون